Pages

Wednesday, September 7, 2011

سنڌ ۾ برسات نظام ڌرم ڀرم

سنڌ جي سيلاب متاثرين کي هڪ سال پورو ڪون ٿيو جو آسمان تي ڏسندي ڏسندي ڪارا ڪڪر ڇائجڻ لڳا زوردار ۽ طوفاني بارشن پوري سنڌ جي مٿان وسڻ لڳيون ۽ سنڌ ۾ وري انجنيئرن جو امتحان شروع ٿي پيو. سنڌ جي شهرن ۾ پاڻي نيڪالي جو سسٽم صحيح نه هوئيڻ ڪري شهر دريا جو ڏيک ڏيڻ لڳا. سيم نالن جي بيڊ هيٺ مٿي هوئيڻ ڪري سيم نالا پوئتي وهڻ شروع ٿي پيا نتيجو اهيو نڪتو جو سيم نالا هنڌ هنڌ کان ٽٽي پيا ۽ پاڻي شهرن ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي. حڪومت وٽ مشقل وقت ۾ رکيل بجٽ جو ڪو نالو ڪون آهي نه وري ائين پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ آهي جو مشقل ۾ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ويٺل ڪامورا ان وقت ظاهر ٿيندا جڏهن ڪنهن ملڪ کان خيرات ايندي آهي ان خيرات جا حصا ونڊڻ لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ٻاهر نڪرندا آهن پوءِ انن کي نانگ ۽ پرين ۾ وچڙندڙ وڇون نظر ڪون ايندا آهن.
اسان کي اسڪول ۾ پڙائيندڙ استاد ڳالهه ڪندا هوئا ته انسان وٽ ڪجهه پئسو پنهنجي آڪائونٽ ۾ هجي ڇو جو مصيبت اچڻ جو ڪو ٽائيم ڪون هوندو آهي ان ڪري ان پئسي کي مصيبت وقت ۾ ڪم لڳائي سگهجي
پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ضلعي جي مٿان ويٺل عملدار ڇو پئتي ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن مصيبت اچي ويندي آهي پوءِ هي وات کوليندا آهن ته اسان وٽ ڪو اهڙو طريقو ڪون آهي جو اسان هلندڙ برسات دوران وڃي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيون ۽ مالوند ماڻهن جي مال ۽ انن جي ٻارن جي حفاظت ڪيون ضلعي حڪومت وٽ صرف سرڪار اسپتالن کان سوءِ وڌيڪ عملو ڪون هوندو آهي جيڪو وڃي مصيبت ۾ ماڻهن جي علاج ڪري. جيڪي ماڻهن پاڻ مرادو وڃي سرڪاري اسڪولن ۾ پناح وٺن ٿا پوءِ انن لاءِ خاد خوراڪ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو پر ضلعي حڪومت وٽ مصيبت وقت ڪم اچڻ واري بجٽ ڪون هوندي آهي يه اها مٿان مٿان تيل پاڻِ ڪري ڇڏين ٿا.

No comments:

Post a Comment