Pages

Monday, August 15, 2011

سنڌ ۾ ٿيل 13 آگسٽ واري هڙتال

سنڌ ۾ ٿيل هڙتال ۽ حڪومت13 آگسٽ واري هڙتال ڪنهن نظام خلاف ڪون هوئي پر سنڌ دشمن ادارن ۽ حڪومت لاءِ هڪ پيغام هيو جيڪو هنن کي سنڌ جي ماڻهن ڪراچي کان ڪشمور تائين صابط ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جي خلاف هڪ لفظ به برداشت ڪون ڪنداسين . جيڪڏهن ايجينسين سان ملي ڪري حڪومت سنڌ توڙڻ جي هاڻ ڳالهه به ڪئي ته هنن جا ٻه اڌ ٿي ويندا. سنڌ جي ماڻهن حڪومت کي ڌمڪي ڏيڻ بدران هنن کي هڪ فلم جي جهلڪي ڏيکاري آهي جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن هن جهلڪي کي فلم ۾ بدلايو ته هي پاڻ سوچي سگهن ٿا ته جئين فلم جي آخر ۾ گونڊن سان ٿيندي آهي ائين توهان سان ٿيندي. اسان کي خبر آهي توهان ڪيترا بهادر ۽ طاقتور غيرتممند آهيو. مونکي اميربخش شر جي ڪالم ياد اچي پيو جنهن ۾ توهانجي بهادي تي ڪجهه سٽو لکيون اٿس. ( ناظمي نظام لاڳو ڪندي اُهي کڳيون هنيائون، اهي وهول وڄايائون ڄڻ مڙسن سنڌ کي آجپو ڏياري هجي. وري ديرئي ڪانه ٿي الائي ڪٿان ۽ ڪهڙي پاران يارڙن کي دٻ ئي هڪڙي آئي تنهن تي وري جو پلٽو کاڌائون ته دوده ڪا دوده پاني ڪا پاني کان به مٿي ڪندي سنڌ جا ٻه اڌ ڪري بيهي رهيا. ڀلا راڻا تنهنجا راڃ اصل رهي سهي ڪسر به پوري ڪري چڏيائون)

No comments:

Post a Comment