Pages

Sunday, August 14, 2011

آزادي جو ڏينهن ڪارو ڏينهن ڇا جي لاءِ

اڃ جڏهن اسان ڪجهه دوستن پاڻ ۾ ملي ڪري پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري مالايو ته کوڙ سارن دوستن جا ايس ايم ايس ۽ فيس بڪ تي پيغام آيا جنهن جو جواب ڏيڻ تمام مشقل هو. مختلف دوست رشتيدارن ۽ ڪجهه اهڙا ماڻهن عالم اديب پيغام موڪليا هئا جن جي اڳيان اسان اکيون به ڪون ٿا گهڻي سگهون پر جواب ڏيڻ لازمي هو. پر جواب ڏيڻ لاءِ لفظ ڪون پئي پاڻ ۾ جوڙيا. ٻين دوستن جو مقصد هن ڏينهن سان ڪهڙو به هو پر منهنجي سوچ ڪجهه پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان مختلف هوئي. پاڪستان14 آگسٽ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو ڌار ملڪ بڻائڻ جو مقصد هنڌن جي رسمن کان پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائيڻ ۽ هڪ اسلامي رياست بڻائڻ هو اسلام جي اڪثريٽ رکندڙ علاقن پنهنجي ڌار رياست پاڪستان جي نالي سان بڻائي ورتي جنهن جو مقصد لا إله إلا الله محمد رسول الله آهي پر انهي مقصد تي ڪوئي به عمل ڪون ڪرائي سگهيو آهي پر 64 سالن بعد اسان جو ملڪ اسلامي جمهوريا جي نالي سان دنيا ۾ مشهور هجي ها اتي ديشتگردي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن ماحولياتي بورائين کان اسان هڪ الڳ سرحد کي وجود ۾ آندو ان سرحد ۾ اڃ شراب سينيما جنهن جي ٻاهريان لڳل پوسٽر پنهنجو مقصد پاڻ بياب ڪرن ٿا ان کان علاوه سماجي بورائين اسان جي ملڪ جو مقصد بدلائي چڏيو آهي. اسلام جي اصولن کي اسان تمام پري ڇڏي ڏنو آهي پر ڏسجي ته اسان جا تعليمي ادارا جيڪي عالمن ۽ اديبن جي حوالي هجن ها يونيورسٽن ۾ عالم اديب ليڪچر ڏيندي نظر اچن ها پر اڃ اوهي ويران ۽ شاگردن جي حوالي ٿيل آهن پوءِ توهان سوچي سگهو ٿا انن ادارن جو حال ڪهڙو هوندو. ملڪ ۾ ادارا ونڊيل هوندا آهن هر ڪم جي لحاظ ۽ برائي جي خلاف جيڪي ڪنهن صدر يا وزير جي ڪون ٻڌندا آهن پر اسان سڃو قصور ايوان ۾ ويٺل وزيرن تي ڪون ٿا ڏيڻ چاهيون 64 سالن ۾ اسان ڪيترا وزير بدلايا آهن پر ڪجهه حاصل ڪون ٿيو آهي جنهن وڻ جون پاڙون ڪمزور هجن ان وڻ ۾ ميوي فٽڻ جي ڪا اميد ڪون هوندي آهي پاڪستان جو پاڙون ڪمزور آهن اڃ جيڪڏهن مونکي به صدر جي سيٽ ته ويهاريو وڃي مان به ڪجهه ڪون ڪري سگهندم ڇو جو ڪمزرو پاڙون هئيڻ ڪري شاخون سوڪي چوڪيون آهن جنهن جي فٽڻ جي ڪا اميد ڪون آهي انهي ڪري هاڻ اسان جي گُهر آهي ته هي وڻ جڙ کان اوکاڙي نئو ٻيچ پوکيو وڃي اسلام جي اصل مقصد مطابق

No comments:

Post a Comment