سنڌ جي سيلاب متاثرين کي هڪ سال پورو ڪون ٿيو جو آسمان تي ڏسندي ڏسندي ڪارا ڪڪر ڇائجڻ لڳا زوردار ۽ طوفاني بارشن پوري سنڌ جي مٿان وسڻ لڳيون ۽ سنڌ ۾ وري انجنيئرن جو امتحان شروع ٿي پيو. سنڌ جي شهرن ۾ پاڻي نيڪالي جو سسٽم صحيح نه هوئيڻ ڪري شهر دريا جو ڏيک ڏيڻ لڳا. سيم نالن جي بيڊ هيٺ مٿي هوئيڻ ڪري سيم نالا پوئتي وهڻ شروع ٿي پيا نتيجو اهيو نڪتو جو سيم نالا هنڌ هنڌ کان ٽٽي پيا ۽ پاڻي شهرن ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي. حڪومت وٽ مشقل وقت ۾ رکيل بجٽ جو ڪو نالو ڪون آهي نه وري ائين پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ آهي جو مشقل ۾ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ويٺل ڪامورا ان وقت ظاهر ٿيندا جڏهن ڪنهن ملڪ کان خيرات ايندي آهي ان خيرات جا حصا ونڊڻ لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ٻاهر نڪرندا آهن پوءِ انن کي نانگ ۽ پرين ۾ وچڙندڙ وڇون نظر ڪون ايندا آهن.
اسان کي اسڪول ۾ پڙائيندڙ استاد ڳالهه ڪندا هوئا ته انسان وٽ ڪجهه پئسو پنهنجي آڪائونٽ ۾ هجي ڇو جو مصيبت اچڻ جو ڪو ٽائيم ڪون هوندو آهي ان ڪري ان پئسي کي مصيبت وقت ۾ ڪم لڳائي سگهجي
پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ضلعي جي مٿان ويٺل عملدار ڇو پئتي ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن مصيبت اچي ويندي آهي پوءِ هي وات کوليندا آهن ته اسان وٽ ڪو اهڙو طريقو ڪون آهي جو اسان هلندڙ برسات دوران وڃي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيون ۽ مالوند ماڻهن جي مال ۽ انن جي ٻارن جي حفاظت ڪيون ضلعي حڪومت وٽ صرف سرڪار اسپتالن کان سوءِ وڌيڪ عملو ڪون هوندو آهي جيڪو وڃي مصيبت ۾ ماڻهن جي علاج ڪري. جيڪي ماڻهن پاڻ مرادو وڃي سرڪاري اسڪولن ۾ پناح وٺن ٿا پوءِ انن لاءِ خاد خوراڪ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو پر ضلعي حڪومت وٽ مصيبت وقت ڪم اچڻ واري بجٽ ڪون هوندي آهي يه اها مٿان مٿان تيل پاڻِ ڪري ڇڏين ٿا.
Wednesday, September 7, 2011
Tuesday, August 16, 2011
پاڪستان جي سياست ۾ جتي نوجوانن کي ڳالهڻ جو يا انن جي رائين جي ڪا احميت ڪون هوئي. انن جي ڪو به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪون هو سياست ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کي ۽ انن جي تجربن کي ترجي ڏني ويندي هوئي ميڊيا جي دنيا ۾ نوجوان نسل جو ڪو نشان ڪون هو. پر فيس بڪ نوجوانن کي سياست بابت ڳالهڻ جي کولي آزادي ڏني آهي ڏينهون ڏينهن جزبات هڪ ٻئي سان ملي رهيا آهن ۽ ڄاڻ سوچ هڪ ٿي رهي آهي فيس بڪ تي پيدا ٿيندڙ انقلاب عرب ملڪن وانگر يه ان کان به وڌيڪ طاقت بڻجي پيو. پر حڪمران پنهنجي مضبوطي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري رهيا آهن جنهن جا نتيجا ايترا ته خترناڪ نڪرندا جو پاڪستان جي ڏاهن اندازو به ڪون لڳايو هوندو. پر اسان ان مان اهيو اندازو ضرور لڳايو آهي ته پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪو به ڪون آهي سرحدو ويران ۽ بند ڪمزور آهن جيڪي فيس بڪ مان پيدا ٿيندڙ سيلاب کي ڪون روڪي سگهندا
Monday, August 15, 2011
سنڌ ۾ ٿيل هڙتال ۽ حڪومت13 آگسٽ واري هڙتال ڪنهن نظام خلاف ڪون هوئي پر سنڌ دشمن ادارن ۽ حڪومت لاءِ هڪ پيغام هيو جيڪو هنن کي سنڌ جي ماڻهن ڪراچي کان ڪشمور تائين صابط ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جي خلاف هڪ لفظ به برداشت ڪون ڪنداسين . جيڪڏهن ايجينسين سان ملي ڪري حڪومت سنڌ توڙڻ جي هاڻ ڳالهه به ڪئي ته هنن جا ٻه اڌ ٿي ويندا. سنڌ جي ماڻهن حڪومت کي ڌمڪي ڏيڻ بدران هنن کي هڪ فلم جي جهلڪي ڏيکاري آهي جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن هن جهلڪي کي فلم ۾ بدلايو ته هي پاڻ سوچي سگهن ٿا ته جئين فلم جي آخر ۾ گونڊن سان ٿيندي آهي ائين توهان سان ٿيندي. اسان کي خبر آهي توهان ڪيترا بهادر ۽ طاقتور غيرتممند آهيو. مونکي اميربخش شر جي ڪالم ياد اچي پيو جنهن ۾ توهانجي بهادي تي ڪجهه سٽو لکيون اٿس. ( ناظمي نظام لاڳو ڪندي اُهي کڳيون هنيائون، اهي وهول وڄايائون ڄڻ مڙسن سنڌ کي آجپو ڏياري هجي. وري ديرئي ڪانه ٿي الائي ڪٿان ۽ ڪهڙي پاران يارڙن کي دٻ ئي هڪڙي آئي تنهن تي وري جو پلٽو کاڌائون ته دوده ڪا دوده پاني ڪا پاني کان به مٿي ڪندي سنڌ جا ٻه اڌ ڪري بيهي رهيا. ڀلا راڻا تنهنجا راڃ اصل رهي سهي ڪسر به پوري ڪري چڏيائون)
Sunday, August 14, 2011
اڃ جڏهن اسان ڪجهه دوستن پاڻ ۾ ملي ڪري پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري مالايو ته کوڙ سارن دوستن جا ايس ايم ايس ۽ فيس بڪ تي پيغام آيا جنهن جو جواب ڏيڻ تمام مشقل هو. مختلف دوست رشتيدارن ۽ ڪجهه اهڙا ماڻهن عالم اديب پيغام موڪليا هئا جن جي اڳيان اسان اکيون به ڪون ٿا گهڻي سگهون پر جواب ڏيڻ لازمي هو. پر جواب ڏيڻ لاءِ لفظ ڪون پئي پاڻ ۾ جوڙيا. ٻين دوستن جو مقصد هن ڏينهن سان ڪهڙو به هو پر منهنجي سوچ ڪجهه پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان مختلف هوئي. پاڪستان14 آگسٽ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو ڌار ملڪ بڻائڻ جو مقصد هنڌن جي رسمن کان پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائيڻ ۽ هڪ اسلامي رياست بڻائڻ هو اسلام جي اڪثريٽ رکندڙ علاقن پنهنجي ڌار رياست پاڪستان جي نالي سان بڻائي ورتي جنهن جو مقصد لا إله إلا الله محمد رسول الله آهي پر انهي مقصد تي ڪوئي به عمل ڪون ڪرائي سگهيو آهي پر 64 سالن بعد اسان جو ملڪ اسلامي جمهوريا جي نالي سان دنيا ۾ مشهور هجي ها اتي ديشتگردي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن ماحولياتي بورائين کان اسان هڪ الڳ سرحد کي وجود ۾ آندو ان سرحد ۾ اڃ شراب سينيما جنهن جي ٻاهريان لڳل پوسٽر پنهنجو مقصد پاڻ بياب ڪرن ٿا ان کان علاوه سماجي بورائين اسان جي ملڪ جو مقصد بدلائي چڏيو آهي. اسلام جي اصولن کي اسان تمام پري ڇڏي ڏنو آهي پر ڏسجي ته اسان جا تعليمي ادارا جيڪي عالمن ۽ اديبن جي حوالي هجن ها يونيورسٽن ۾ عالم اديب ليڪچر ڏيندي نظر اچن ها پر اڃ اوهي ويران ۽ شاگردن جي حوالي ٿيل آهن پوءِ توهان سوچي سگهو ٿا انن ادارن جو حال ڪهڙو هوندو. ملڪ ۾ ادارا ونڊيل هوندا آهن هر ڪم جي لحاظ ۽ برائي جي خلاف جيڪي ڪنهن صدر يا وزير جي ڪون ٻڌندا آهن پر اسان سڃو قصور ايوان ۾ ويٺل وزيرن تي ڪون ٿا ڏيڻ چاهيون 64 سالن ۾ اسان ڪيترا وزير بدلايا آهن پر ڪجهه حاصل ڪون ٿيو آهي جنهن وڻ جون پاڙون ڪمزور هجن ان وڻ ۾ ميوي فٽڻ جي ڪا اميد ڪون هوندي آهي پاڪستان جو پاڙون ڪمزور آهن اڃ جيڪڏهن مونکي به صدر جي سيٽ ته ويهاريو وڃي مان به ڪجهه ڪون ڪري سگهندم ڇو جو ڪمزرو پاڙون هئيڻ ڪري شاخون سوڪي چوڪيون آهن جنهن جي فٽڻ جي ڪا اميد ڪون آهي انهي ڪري هاڻ اسان جي گُهر آهي ته هي وڻ جڙ کان اوکاڙي نئو ٻيچ پوکيو وڃي اسلام جي اصل مقصد مطابق